سڪندر سرواڻ

سڪندر سرواڻ

سڪندر سرواڻ

سڪندر سرواڻ: شاعر، صحافي ۽ ڊرامانگار، سڪندر سرواڻ جو اصل نالو سڪندر علي ولد ڪوڙو خان سومرو آهي. هن 22 جون 1957ع تي ڳوٺ هيري خان لغاري، تعلقي جوهيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ويجهڙائيءَ ۾ مڊل اسڪول جي سهولت نه هئڻ ڪري پڙهڻ ڇڏي هڪ سال تائين درزڪو ڪم وڃي سکيو. جڏهن ڳوٺ علڻ خان لغاريءَ ۾ مڊل اسڪول کليو، ته ان ۾ داخلا وٺي اٺون درجو پاس ڪيائين. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ڏني. 1980ع ڌاري ’انٽر ڊپلوما ان ڪامرس‘ گورنمينٽ ڪمرشل انسٽيٽيوٽ دادوءَ مان ڪيائين، 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان بي. اي اڪنامڪس ۽ 1988ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. هن وقت هو وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ايم. فل ڪري رهيو آهي. ادب سان کيس ننڍپڻ کان لڳاءُ هو ۽ هن 1976ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهرين لکڻي ’ٻاراڻو نظم‘، روزانه اخبار آفتاب حيدرآباد ۾ ڇپيو، جنهن بعد هن ’سڪندر سرواڻ‘ ادبي نالو اختيار ڪيو. هن جون شروعاتي لکڻيون رسالي گل ڦل ۽ اخبارن پاران نڪرندڙ ادبي صفحن ۾ ڇپبيون رهيون. 1989ع ۾ هن ’مرڪ‘ نالي هڪ رسالو ڪڍيو، جيڪو 1996ع تائين جاري رهيو. پاڻ ان جو ايڊيٽر هو. 1992ع ۾ سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’سرها گل ساڻيهه جا‘ ڇپيو. 1992ع کان 1994ع تائين اردو رسالي ’ٽوٽ بٽوٽ‘ جي سنڌي حصي جو انچارج رهيو. مختلف سنڌي اخبارن: روزاني پڪار، سنڌ سجاڳ، روزانه هلال پاڪستان ۾ هفتيوار ڪالم لکندو رهندو آهي. هن وقت سندس ڪالم روزاني ڪوشش، عبرت ۽ جيجل اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. سڪندر سرواڻ، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ سان 1982ع کان سلهاڙيل آهي.کيس ڊراما ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪافي مقبوليت حاصل رهي آهي. سندس پهريون سولو پلي ’هيل نه آئين سانورا‘ 2006ع ۾ ڪي. ٽي. اين تان نشر ٿيو، جنهن کانپوءِ هن جا ڪي. ٽي. اين تان ئي ’فنڪار جي عيد‘، ’قرباني قبول‘، ’هميشه لاءِ جدا‘ ڊراما نشر ٿيا. اهڙيءَ طرح سنڌ ٽي. ويءَ تان هن جو سلسليوار ناٽڪ ’اندر جنين اڌ‘ سيريل ۽ ’سونهن‘ عنوان سان سيريل ۽ سولو پلي ’پيار جي پاڇي ۾‘، ’سندرتا جو انت‘، ’حاصلات جي منزل‘، ’ڪڏهن الوداع نه چئجان‘ وغيره هليا. هن پنهنجي سيريل سونهن ۾ اداڪاري به ڪئي. سندس ريڊيو ڪراچي، سنڌ ٽي. وي ۽ ڌرتي ٽي. ويءَ تان ڪيترا انٽرويو نشر ٿي چڪا آهن. سڪندر سرواڻ، آڪٽوبر 1978ع ۾، شاگرديءَ واري زماني ۾ گرفتار به ٿيو ۽ شيرين سومرو واقعي تي احتجاج سبب فوجي ڪورٽ کيس هڪ سال سزا ٻُڌائي هئي. سڪندر سرواڻ کي ادبي ۽ صحافتي خدمتن تي ڪيترا اوارڊ مليا.


لفظ سڪندر سرواڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.06.22  عيسوي

سڪندر علي ولد ڪوڙو خان سومرو آهي. هن 22 جون 1957ع تي ڳوٺ هيري خان لغاري، تعلقي جوهيءَ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهنگل شاهه مست
سوامي بسنت رام
دائم فقير
ادل سومرو
نواز خان زنئور
دينپوري مولانا محمد عمر
داغ ٽکڙائي
عبدالحئي ڀٽو
ارشد هالائي
حافظ محمد بخش خاصخيلي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون